تهران/ اسلام آباد/ واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ٻن خابرو ادارن، رائٽرز ۽ سي اين اين ٽرمپ انتظاميا جي ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ڳالهين لاءِ اسٽيو وٽڪوف ۽ جيئرڊ ڪشنر کي اسلام آباد موڪليو پيو وڃي. اميد آهي ته ڇنڇر تي ڌرين ۾ ٻيهر ڳالهيون ٿينديون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڊيل جي تڪڙ ناهي، اسان پنهنجي ضرورت مطابق ڊيل چاهيون ٿا. هرموز ۾ ننڍيون ۽ تيز ٻيڙيون مسئلا پيد ڪن ٿيون انهن جو ٽوڙ ڪڍي رهيا آهيون. ايران دنيا کي ڏيکاري چڪو آهي ته هرموز تي سندس ڪنٽرول مضبوط آهي ڪالهه به هڪ ڪارگو شپ تي پاسدارن انقلاب قبضو ڪيو ۽ آمريڪا جي ناڪابندي هوندي ايئن ٿيڻ آمريڪا لاءِ وڏو چيلينج آهي. پاڪستان ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ سفارتي فرنٽ تي سرگرم آهي. سي اين اين رپورٽ ڪيو آهي ته آمريڪا هرموز ۾ ايران جو ڪنٽرول خت ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.ايران سان ڳالهين لاءِ آمريڪي وفد جو اڄ واشنگٽن کان اسلام آباد روانو ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، پاڪستاني ٽياڪڙ ٽيم سان ڳالهين جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.ان کان اڳ پاڪستاني حڪومتي ذريعن طرفان ڄاڻايو ويو هو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ مختصر ٽيم سان گڏ اڄ اسلام آباد پهچي رهيو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪا-ايران ڳالهين جي ٻئي مرحلي ۾ ڪنهن وڏي اڳڀرائي (بريڪ ٿرو) جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ڊار جو روسي هم منصب سان فون تي ڳالهه ٻولهه
پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزيراسحاق ڊار خميس ڏينهن روس جي پرڏيهي وزيرسرگي لاوروف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفا لاڳاپا، عالمي سطح تي سهڪار ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جا معاملا زيرِ بحث آيا۔ پاڪستانيپرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف پهلوئن سان گڏوگڏ گهڻ رخن وارن فورمز تي عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۾ پاڪستان جي تعميري ۽ سهولتڪاري واري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسلام آباد سفارتي رابطن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي۔ ان موقعي تي اسحاق ڊار هن عزم جو اظهار ورجايو ته پاڪستان اڳتي به ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جي حل لاءِ ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو۔ هن چيو ته پائيدار امن لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي رابطا لازمي آهن۔ ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي رابطن کي جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي شهباز شريف جي تجويز ڪيل روس جي دوري کي مناسب تاريخ تي ٻيهر طئي ڪرڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ اسحاق ڊار ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني۔ پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔ هي رابطو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن علائقي ۾ ايران، آمريڪا ۽ ٻين عالمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ سفارتي سرگرمين ۾ تيزي ڏٺي پئي وڃي، ۽ پاڪستان انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد پهچي ويو
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اسلام آباد پهچي ويو.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. ايراني پرڏيهي وزير مسقط ۽ ماسڪو جو به دورو ڪندو.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي به نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقات ڪندو،ايران جي نيم سرڪاري خبر رساں اداري ارنا موجب ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جمعي 24 اپريل جي شام کان اسلام آباد، مسقط ۽ ماسڪو جا ٻه طرفا دورا ڪندو. ارنا موجب هن دوري جو مقصد لاڳاپيل ملڪن سان ٻطرفيون مشاورتون، ملاقاتون ۽ ڳالهيون ڪرڻ آهي، جن ۾ علائقي جي موجوده صورتحال، تازي پيش رفت ۽ ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان مڙهيل جنگ جي موجوده حالتن تي غور ڪيو ويندو۔ ايراني خابرو اداري موجب هي دورو پرڏيهي وزير جي معمولي سفارتي رابطن جو حصو آهي، پر ان جي اهميت ان ڪري به وڌي وئي آهي جو علائقي ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ نمايان اضافو ڏٺو پيو وڃي۔ دوري دوران ايران جي پرڏيهي وزير جون پاڪستان، عمان ۽ روس جي قيادت سان ملاقاتن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي، سفارتي ڪوششن ۽ ايندڙ لائحه عمل بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿيڻ جي اميد آهي۔
آمريڪا جا 3 ايئرڪرافٽ ڪيريئر وچ اوڀر ۾ پهچي ويا
آمريڪي سينٽڪام ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ “ڏهاڪن کان پوءِ پهريون ڀيرو” ٽي ايئرڪرافٽ ڪيريئر پهچي ويا آهن. انهن ايئرڪرافٽ ڪيريئرز تي 15,000 کان وڌيڪ ملاح ۽ مئرينز موجود آهن ۽ 200 کان وڌيڪ جهاز پڻ شامل آهن۔ آخري ڀيرو آمريڪي نيوي هن علائقي ۾ ڪيترائي ايئرڪرافٽ ڪيريئر 2003 ۾عراق تي حملي دوران تعينات ڪيا هئا۔
عراقچي جو فيلڊ مارشل ۽ ڊار سان ڌار ڌار فون تي ڳالهيون رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق
پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جمعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرعباس عراقچي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪا-ايران جنگبندي ۽ پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ايڪس تي جاري بيان ۾ FO چيو ته “ٻنهي ڌرين علائقائي صورتحال، جنگبندي ۽ اسلام آباد طرفان آمريڪا-ايران لاڳاپن جي تناظر ۾ جاري سفارتي ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.” ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڊار پنهنجي طرفان “باقي رهيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڳالهين ۽ رابطا رکڻ جي اهميت” تي زور ڏنو، ته جيئن جلد کان جلد علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ملي سگهي۔ جڏهن ته سندس ايراني هم منصب “هن حوالي سان پاڪستان جي لڳاتار ۽ تعميري سهولتڪاري واري ڪردار” کي ساراهيو۔ FO وڌيڪ چيو ته ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو۔ گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي امڪاني ٻئي دور ۾ دير ٿي رهي آهي، جنهن جو سبب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري تڪرار آهي، خاص طور تي ايران طرفان هرموز لنگهه کي بند ڪرڻ ۽ آمريڪا طرفان ايران جي بندرگاهن جي ناڪابندي. ٻئي پاسي ايراني خابرو اداري چيو آه ته عباس عراقچي فيلڊ مارشل عاصم منير سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
تهران ۾ 83 تاريخي ماڳن کي سخت نقصان پهتو آهي، علوي
تهران سٽي ڪائونسل جي ثقافتي ورثي واري ڪميٽي جي سربراهه احمد علوي چيو آهي ته آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جنگ دوران صوبي تهران ۾ 83 تاريخي ماڳن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو آهي، جن مان 36 ماڳ قومي ورثي جي فهرست ۾ شامل آهن۔ سرڪاري خبر رساں ايجنسي ارنا، تهران سٽي ڪائونسل جي ثقافتي ورثي ڪميٽي جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو آهي ته انهن مان اهي عمارتون، جن جي بحالي ٿي سگهي ٿي، اتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي۔ احمد علوي واضح ڪيو ته متاثر ٿيل ماڳن مان 36 عمارتون قومي نوادرات جي فهرست ۾ درج آهن ۽ 45 تاريخي عمارتون آهن، جڏهن ته ڇهه ماڳ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته انهن مان گهڻيون عمارتون فوجي، سيڪيورٽي ۽ انتظامي تنصيبات جي ويجهو واقع آهن۔ ياد رهي ته ايراني وزارت ثقافتي ورثي موجب لڳ ڀڳ 39,000 آثارِ قديمه ملڪ جي قومي ورثي جي فهرست ۾ شامل آهن۔
آمريڪا، اسرائيل جي ايران سان جنگ، امن ڳالهيون جاري رکو، پوپ
پوپ ليو چيو آهي ته هو آمريڪا ۽ ايران تي زور ڏين ٿا ته جنگ جي خاتمي لاءِ امن واري ڳالهين کي جاري رکن، ۽ هن چيو ته هن تڪرار “ايران ۾ بيگناهه ماڻهن جي پوري آبادي کي متاثر ڪيو آهي.” هن جو اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پوپ تي هڪ ڊگهو تنقيدي پيغام جاري ٿيڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي. ياد رهي ته پوپ ايران ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين تي کلي طرح تنقيد ڪندا رهيا آهن. چار آفريقي ملڪن جي دوري کان پوءِ روم واپس ايندي جهاز ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته “مان امن لاءِ ڳالهين جي تسلسل جي همت افزائي ڪندس، جيئن سڀئي ڌريون امن جي واڌاري، جنگ جي خطري جي خاتمي ۽ بين الاقوامي قانون جي احترام لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن.” هن وڌيڪ چيو ته “مان سڀني کي هن ڳالهه جي ترغيب ڏيڻ چاهيان ٿو ته هو نفرت ۽ ورهاست بدران امن جي ثقافت مان جنم وٺندڙ حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪن.” هن اهو به ٻڌايو ته هو پنهنجي سان لبنان جي هڪ مسلمان ٻار جي تصوير رکندا آهن، جنهن کي گذريل سال اتي جي دوري دوران “ويلڪم پوپ ليو” جو پلي ڪارڊ کڻي بيٺل ڏيکاريو ويو هو. پوپ چيو ته “جنگ جي هن تازو مرحلي ۾ اهو ٻار مارجي ويو.”
ايران پنهنجي 45 هزار شهرين کي قتل ڪيو: آمريڪي بچاءُ وارو وزير
آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته اسان جو مقصد چٽو آهي ته ايران ڪنهن به صورت ۾ ائٽمي هٿيار نٿو ٺاهي سگهي، ايران وٽ هڪ سٺو معاهدو ڪرڻ جو موقعو موجود آهي.پنهنجي بيان ۾ پيٽ هيگسٿ دعويٰ ڪئي ته ايران پنهنجي 45 هزار معصوم مظاهرين کي قتل ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هرمز واري پٽي تي اسان جو مڪمل ڪنٽرول آهي ۽ هي ناڪابندي عالمي سطح تائين پکڙجي وئي آهي، ناڪابندي کان اڳ ايراني بندرگاهن تان نڪرندڙ ”ڊارڪ فليٽ“ جا ٻه جهاز قبضي ۾ ورتا ويا. آمريڪي وزير موجب، ايران وٽ ڳالهين جي ميز تي ڏاهپ سان فيصلو ڪرڻ جو کليل موقعو آهي، ناڪابندي جيستائين ضرورت هوندي برقرار رهندي ۽ هرمز مان هينئر تائين 34 سامونڊي جهازن کي واپس موڪليو ويو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير جا اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان رابطا، اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خطي جي صورتحال ۽ جنگ بندي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، عباس عراقچي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڌار ڌار ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران دوران خطي جي صورتحال ۽ جنگ بندي بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي ايراني هم منصب جو فون آيو هو. ترجمان موجب، اسلام آباد طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رابطن لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار مسئلن جي حل لاءِ مسلسل ڳالهين جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ فوري اڳڀرائي لازمي آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته عباس عراقچي پاڪستان جي تعميري ۽ هاڪاري ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون جاري آهن. وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ان سلسلي ۾ آمريڪا ۽ ايران سميت مختلف ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.










