ايران ۽ آمريڪا جون هڪٻئي کي ڌمڪيون، تڪرار کان پاسو ڪندي بردباري ڏيکاريو، پاڪستان

ايران ۽ آمريڪا جون هڪٻئي کي ڌمڪيون، تڪرار کان پاسو ڪندي بردباري ڏيکاريو، پاڪستان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا چيو آهي ته هن آبنائي هرمز ۾ ٽن تيل کڻندڙ جهازن تي ايران جي حملن جي جواب ۾ ايران تي “طاقتور” حملا ڪيا آهن. سينٽڪام اڱاري رات سان ٻڌايو ته هنن 80 کان وڌيڪ ايران ۾ مختلف هدفن کي نشانو بڻايو، جن ۾ آءِ آر جي سي جون 60 کان وڌيڪ ننڍيون اسپيڊ ٻيڙيون پڻ شامل هيون. آمريڪا، ايران کي تيل وڪرو ڪرڻ جي جيڪا 60 ڏينهن جي اجازت ڏني هئي، اهو فيصلو پڻ معطل ڪيو ويو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، اهي حملا قشم ٻيٽ بندر عباس ۽ سِرڪ تي ڪيا ويا، جن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اربع جي صبح سوير، اسلامي انقلابي گارڊ ڪور چيو ته هن جوابي ڪارروائي ڪندي ڪويت ۽ بحرين ۾ 80 کان وڌيڪ آمريڪي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي ۽ آمريڪا جو هڪ ايم ڪيو 9 ڊرون به ڪيرايو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي هڪٻئي تي تازن حملن بعد اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي آهي ۽ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت وڌڻ شروع ٿي وئي آهي. گذريل مهيني تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ هڪ نام نهاد يادداشتِ مفاهمت (تي صحيحون ٿيون هيون، جنهن جو مقصد جنگبندي کي وڌائڻ ۽ “سڀني محاذن” تي تڪرار ختم ڪرڻ هو. هوڏانهن، ترڪيه۾ ٿيل نيٽو جي سربراهي اجلاس دوران مارڪ روٽ آمريڪي حملا “بلڪل ضروري” هئا ۽ هن ايران تي آمريڪا سان ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام پڻ هنيو. هي حملا ان وقت ٿيا آهن جڏهن خامنائي جو ميت عراق نيو ويو آهي ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪيه ۾ موجود آهي.

ٻيهر تڪرار ڪنهنجي به مفاد ۾ ناهي، بردباري ڏيکاريو، پاڪستان

تڪرار جو ٻيهر شروع ٿيڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سڀني ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته هو صبر ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن، جيڪي علائقي جي امن ۽ استحڪام کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ گڏيل امن جي قيام لاءِ مسلسل رابطن، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جو ڪو به متبادل ناهي. پرڏيهي آفيس موجب، پاڪستان سڀني ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته هو اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ڪيل پنهنجن واعدن تي قائم رهن، جيڪا گڏيل احترام، باهمي سمجهه ۽ علائقي توڙي دنيا ۾ گڏيل خوشحالي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو مثبت ۽ تعميري ڪردار جاري رکڻ لاءِ تيار آهي.

ٽرمپ پاران ايران جي شهري انفرا اسٽرڪچر تي حملن جي ڌمڪي، هرمز بند ڪنداسين، ايران

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا “تمام گهڻي امڪان سان اڄ رات ايران تي ٻيهر حملو ڪندو” ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته ايران خلاف ٻيهر سامونڊي ناڪابندي به لاڳو ڪئي ويندي. اها ڌمڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل رات هڪ ٻئي تي حملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ڏني وئي. ٽرمپ، جيڪو هن وقت ترڪي ۾ نيٽو جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، اڳ ۾ چيو ته سندس خيال ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل يادداشتِ مفاهمت هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، البته ڳالهين جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو. هن ايراني قيادت کي ’گند ۽ پاڳل‘ قرار ڏنو.

يوڪرين جنگ بابت پيوٽن سان ڳالهائيندس
يوڪريني صدر وولودي مير زيلينسڪي سان گڏيل ڳالهه ٻولهه دوران ٽرمپ چيو ته هو يوڪرين کي پيٽرياٽ ميزائل دفاعي نظام پاڻ تيار ڪرڻ جي صلاحيت ڏيڻ بابت منصوبن تي ڳالهائيندو. هن اهو به چيو ته هو اڄ ئي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڳالهائيندو، ۽ واعدو ڪيو ته زيلينسڪي ۽ پيوٽن جي ملاقات پڻ ڪرائي ويندي.

ٽرمپ نيٽو بابت اڳي کان نرم لهجو اختيار ڪري ورتو

ٽرمپ اجلاس کانپوءِ نيٽو بابت اڳ کان وڌيڪ مثبت لهجو اختيار ڪندي چيو ته اتحاد جي اڳواڻن سان “تمام سٺي ملاقات” ٿي آهي. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل يورپي ملڪن ۽ ڪينيڊا پاران دفاعي خرچن ۾ واڌ کي اجاگر ڪيو، جيڪو ٽرمپ جي اهم ترجيحن مان هڪ رهيو آهي.

ايران تي وڌيڪ حملن جي ڌمڪي

اڄ ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته تهران سان آمريڪا جي يادداشتِ مفاهمت هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ آمريڪا گذريل رات ايران تي ڪيترن ئي حملن جو سلسلو شروع ڪيو. ترڪي جي گاديءَ واري هنڌ انقره ۾ نيٽو اجلاس دوران صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ ايراني قيادت تي سخت تنقيد ڪئي، کين “پاڳل” قرار ڏنو ۽ وڌيڪ حملن جي ڌمڪي ڏني. ٽرمپ چيو ته آمريڪا اڄ ئي ايران جي اهم شهري بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. هن خبردار ڪندي چيو: “اهو هڪ تمام وڏو حملو ٿي سگهي ٿو، جيڪو گهڻيون شيون تباهه ڪري ڇڏيندو.” هن اهو به چيو ته جيڪڏهن ايران هرمز ويجهو واپاري جهازن تي حملن جو سلسلو جاري رکيو ته آمريڪا ايران خلاف ٻيهر سامونڊي ناڪابندي لاڳو ڪري سگهي ٿو.

شام جي صدر جي ٽرمپ سان ملاقات

شام جي عبوري صدر احمد الشرع سان ملاقات دوران ٽرمپ چيو ته آمريڪا کي شام کي دهشتگردي جي سرپرست رياستن واري فهرست مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. هن صحافين کي چيو: “منهنجو خيال آهي ته مان اهو ڪندس. آخر ڇو نه ڪندس؟ هن بهترين ڪم ڪيو آهي.“

ٽرمپ جي بيان بعد تيل جي قيمتن ۾ واڌ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي کي “ختم” قرار ڏيڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون تيزي سان وڌي ويون. عالمي معيار سمجهيو ويندڙ برينٽ خام تيل (Brent Crude) جي قيمت اڄ 5 سيڪڙو واڌ سان 80 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي. جيتوڻيڪ قيمتون اڃا مئي مهيني دوران ڏٺل بلند ترين سطح کان هيٺ آهن، پر تازي واڌ سبب سيڙپڪارن جو اعتماد متاثر ٿيو آهي ۽ آمريڪا سميت يورپ جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به مندي جو رجحان ڏٺو ويو.

حملو ٿيو ته ايران هرمز سڀني لاءَ بند ڪندو

ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري IRIB جي انگريزي چينل پريس ٽي وي هڪ سيڪيورٽي ذريعي جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ايران تي ڪو به حملو ڪيو ويو ته ايران آبنائے هرمز کي سموري سامونڊي آمدرفت لاءِ بند ڪري ڇڏيندو. رپورٽ موجب، ذريعي اهو به چيو ته “ايران تي ٿيندڙ هر هڪ حملي جي جواب ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن هدفن کي نشانو بڻايو ويندو.” ذريعي وڌيڪ چيو: “ايران آمريڪا ۽ خطي ۾ موجود ان جي اتحادي ملڪن ۾ ڪو به فرق نٿو ڪري.” ساڳئي وقت اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) سان لاڳاپيل تسنيم نيوز ايجنسي دعويٰ ڪئي ته اسلام آباد جنگبندي معاهدي جي “موت” جو سرڪاري اعلان خود ڊونلڊ ٽرمپ ڪري ڇڏيو آهي. ايجنسي جو چوڻ هو ته ان کانپوءِ ايران کي آمريڪا، اسرائيل ۽ خطي ۾ موجود سندن اتحادي گروهن خلاف ڪارروائي لاءِ “وڌيڪ واضح مينڊيٽ” حاصل ٿي ويو آهي.

گرين لينڊ وڪري لاءِ ناهي، فيصلو اسان جو هوندو: وزيراعظم

گرين لينڊ جي وزيراعظم جينس فريڊرڪ نيلسن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته گرين لينڊ وڪري لاءِ ناهي ۽ ان جي مستقبل جو فيصلو صرف گرين لينڊ جا ماڻهو ئي ڪندا. هن اربع ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو: “گرين لينڊ جي مستقبل جو فيصلو اسان گرين لينڊ جا رهواسي ڪنداسين، نه ڪي ٻيا. اسان جي ملڪ تي قبضي يا ڪنٽرول بابت بار بار ڪيل بيانن سان حقيقت تبديل نٿي ٿي سگهي.” ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڏينهن اڳ ٻيهر چيو هو ته آمريڪا کي گرين لينڊ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس خيال ۾، ڊينمارڪ جو خودمختيار علائقو گرين لينڊ آمريڪا جي قومي سلامتي لاءِ انتهائي اهم اسٽريٽجڪ حيثيت رکي ٿو. گرين لينڊ جي وزيراعظم جو هي بيان ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آئس لينڊ ۽ ڊينمارڪ جي وزيراعظمن پڻ ٽرمپ جي گرين لينڊ بابت موقف تي تنقيد ڪئي آهي. ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن اربع ڏينهن چيو: “هن معاملي تي آمريڪا جو موقف افسوسناڪ حد تائين واضح آهي، ۽ اسان جو موقف به شروع کان وٺي مڪمل طور واضح رهيو آهي. گرين لينڊ يقيناً وڪري لاءِ ناهي.” هن وڌيڪ چيو: “اسين نيٽو جي هر هڪ انچ زمين جي دفاع لاءِ تيار آهيون، جنهن ۾ اسان جي پنهنجي سرزمين پڻ شامل آهي.“

پهنجو تبصرو موڪليو