هانگ ڪانگ(ويب ڊيسڪ)فائر فائيٽنگ جي عملي ٻن ڏينهن بعد خميس تي رهائشي ڪمپليڪس کي لڳل باهه تي ضابطو آڻي ورتو آهي پر پوليس جو چوڻ آهي ته 55 ماڻهن جي فوت ٿيڻ ۽ 300 جي لاپتا هجڻ جي تصديق ٿي آهي. رائٽرز جي خبر موجب هانگ ڪانگ جي اڳواڻ جان لي چيو آهي ته هي هانگ ڪانگ جي 77 سالن جي تاريخ ۾ بدترين باهه جو واقعو آهي، حڪومت 2 هزار اپارٽمينٽ واري هن ڪمپليڪس جي متاثرن جي مدد لاءِ 3 ڪروڙ 86 لک آمريڪي ڊالر جو فنڊ قائم ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته رهائش جي کوٽ سب هن عمارت ۾ 4600 ماڻهو رهائش پذير هئا. پوليس موجب 900 ماڻهن جي عارضي رهائش لاءِ 8 ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. جن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوٽو کڻي پنهنجي گم ٿيل ڀاتين کي ڳولي رهيا آهن. هڪ 52 سالن جي عورت جي هٿ ۾ پنهنجي گم ٿيل نياڻي جي گريجوئيشن تقريب واري تصوير هئي ۽ چوي پئي ته سندس ڌيءَ ۽ مڙس لاپتا آهن. عمارت ٺاهيندڙ ڪمپني جا ڪجهه ملازم حراست ۾ آهن، سندن آفيس مان موبائيل فونز ۽ ڪمپيوٽر به پوليس هٿ ڪيا آهن.










