هانيه جي ڀارت ۾ هاڪ، صحافي انٽرويو لاءِ وقت گهري ورتو

هانيه جي ڀارت ۾ هاڪ، صحافي انٽرويو لاءِ وقت گهري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ڊمپل گرل هانيا عامر جي مقبوليت نه رڳو پاڪستان پر پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به سٺي آهي، جنهن جو اندازو هڪ تازي تبصري مان لڳائي سگهجي ٿو.ڀارت جي مشهور انٽرنيٽ شخصيت ۽ صحافي فريدون شهريار، جيڪو بالي ووڊ جي ڪيترن ئي سپر هٽ اداڪارن جا انٽرويو ڪري چڪو آهي، هن تازو ئي هانيا عامر سان انٽرويو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. فريدون جي تبصري جو اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي وائرل ٿي رهيو آهي، ان وائرل اسڪرين شاٽ ۾ فريدون تازو ڊرامي ۾ سندس اداڪاري تي هانيا جي ساراهه ڪئي آهي.هن اهو پڻ لکيو ته ‘توهان سان هڪ انٽرويو وٺڻ چاهيان ٿو، مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو’. اداڪارا جا مداح اهو تبصرو ڏسي بيحد خوش ٿيا ۽ هانيا کي فوري طور انٽرويو تي راضي ٿيڻ جو مشورو ڏنو.هتي اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته جيڪڏهن توهان اداڪاره هانيا عامر جي انسٽاگرام پروفائل تي تصويرن تي نظر وجهو ته ڪيترن ئي ڀارتي مداحن جا تبصرا اچي رهيا آهن جيڪي هانيا جي ڪم کي ساراهي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو