خيرپور(سجاد علي ڪٻر) ھالاڻي ڀرسان روھڙي ڪئنال جي ڪپ تي نامعلوم ھٿياربند 40 سالن جي عورت کي گوليون ھڻي قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. اهڙو اطلاع پوليس کي ملڻ بعد لاش اسپتال پھچايو جتي ھن مھل تائين عورت جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي ٻڌايو وڃي ٿو ته عورت کي منهن ۽ پيٽ ۾ گوليون لڳل آهن. هوڏانهن ٺري ميرواهه لڳ ڳوٺ غلام شبير شر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35 سالا شبنم زال عاشق شر فوت ٿي وئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس موت جي تصديق ڪئي وئي.










