هاف فراءِ يا پوليس مقابلو؟ جوابدار اسپتال داخل

هاف فراءِ يا پوليس مقابلو؟ جوابدار اسپتال داخل

سکر (جئيرام داس) پوليس مقابلو ڄاڻائي هڪ جوابدار کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اي سيڪشن ٿاڻي جي حد هاڪي گرائونڊ وٽ پوليس ڪارروائي ڪئي ته مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي سکر عرفان سمون موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ علي جان ڏهر طور ٿي آهي، جيڪو ڪار لفٽر ٽولي سان واڳيل آهي. ايس ايس پي دعويٰ ڪئي ته جوابدار خلاف سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي ڪار چوري جا ڪيس داخل آهن، جڏهن ته جوابدار کي زخمي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو