ٽنڊو غلام حيدر ( ن س) ٽنڊو غلام حيدر 5 ڏينهن پهرين ضلعي سانگهڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان هاري ڪميٽي جو اڳواڻ منظور علي لغاري جنهن کي اچانڪ سندس اوطاق تان ڪجھ نامعلوم ماڻهن پاران کيس ڪورولا ڪار ۾ هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا ان سلسلي ۾ لغاري برادري جي سوين ماڻهن سندس ترت بازيابي لاء ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان سلسلي ۾ مظاهرين علي خان لغاري؛ سڪندر لغاري؛ عرفان لغاري؛ ممتاز لغاري؛ عزيز لغاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي نوجوان هاري ڪميٽي جي اڳواڻ کي ڪجه نامعلوم ماڻهن پاران اغوا ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ سانگهڙ ضلعي انتظاميا به سستي جو مظاهرو ڪري وارثن سان ناانصافي ڪري رهي آهي جڏهن ته نوجوان جي ڀاء نواز علي ۽ سندس مامي فوجي خيرمحمد لغاري جو به چوڻ آهي ته سانگھڙ پوليس هن مهل تائين نوجوان کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آهي هنن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شايد سانگھڙ پوليس به جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي ان کان علاواه سوين لغاري برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي چيو آهي ته اگر اسان جو نوجوان ڪنهن ڪيس ۾ گهربل آهي ته پوليس هڪدم ظاهر ڪري کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مسلسل احتجاج جو سلسلو جاري رهندو هنن وس وارن آئي جي سنڌ ايس ايس پي سانگھڙ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته اسان جي نوجوان کي فلفور بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر لغاري برادري سراپا احتجاج هوندي مظاهرين جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جي نوجوان کي ڪجه به ٿيو ته ان جي ذميوار سانگهڙ انتظاميا هوندي ان لاء فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي










