راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ففٿ جنريشن جنگ يا هائبرڊ وار جي خطري کان بخوبي آگاهه آهيون ۽ هٿياربند فوجون مڪمل طور چوڪس ۽ خطري کان آگاهه آهن. اسين پر امن قوم آهيون پر جيڪڏهن ڪنهن جنگ مسلط ڪئي ته ڀتر جو جواب پٿر سان ڏينداسين. اسان جا شهيد اسان جا هيروز آهن، جيڪي قومون پنهنجي هيروز کي وساري ڇڏينديون آهن اُهي مٽجي وينديون آهن، اسان هر قدم تي فوجي جوانن ۽ انهن جي وارثن سان گڏ آهيون، پوري قوم اوهان جي صبر جي قرضي آهي، جهڙي شهيد پوري قوم جو فخر آهن، اهڙي طرح اوهان به اسانجو فخر آهيو، اڄ جي تقريب ۾ اعزازدات حاصل ڪندڙ جوانن کي سلام پيش ڪيان ٿو. جي ايڇ ڪيو ۾ فوجي اعزاز ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته اڄ به دشمن جي ناپاڪ ادارن کي شڪست ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون، اڄ به اسان شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ آهيون، 6 سيپٽمبر 1965 جو ڏهاڙو تاريخ جو هڪ لازوال باب آهي، اسان جا دشمن مختلف سازشون تيار ڪندا رهيا آهن، پاڪ فوج ۽ پاڪستاني قوم پنهنجي جذبي ذريعي دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻايو آهي، وطن جي آزادي ۽ سلامتي اسان جو مقصد آهي، منهنجا بهادر سپاهيو، پاڪ فوج جهڙي دلير ۽ بهادر سپاهه جي ڪمانڊ ڪرڻ منهنجي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي. اسان جو هر آفيسر ۽ جوان پنهنجي پيشيواراڻين صلاحيتن، اعليٰ نظم ضبط ۽ ايثار جي ڪري هڪ اهڙي فوج جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن جي صلاحيتن کي دنيا به تسليم ڪيو آهي. پاڪستان سان محبت اسان جي ايمان جو حصو آهي، هن چيو ته اسان اڄ به آزادي جي حفاظت پنهنجي رت سان ڪري رهيا آهيون، دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون، تقريب ۾ 40 آفيسرن ۾ ستاره امتياز ملٽري ۽ 24 جوانن کي ستاره بصالت جا تمغه ڏنا ويا. شهيد آفيسرن ۽ جوانن جي گهر ڀاتين اهي تمغا وصول ڪيا.










