هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي رڳو 2 جج موجود هوندا، روسٽر جاري

هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي رڳو 2 جج موجود هوندا، روسٽر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايندڙ هفتي ججن جي ڊيوٽي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.ججز ڊيوٽي روسٽر موجب ايندڙ هفتي 12 کان 16 آگسٽ تائين رڳو 2 جج موجود هوندا.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ موجود هوندا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ ٻيا جج موڪلن تي آهن.ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ 2 سنگل ۽ هڪ ڊويزن بئنچ جوڙي ويندي، جڏهن ته ضرورت کي نظر ۾ رکندي اسپيشل ڊويزن بئنچ ۽ لارجر بينچ به موجود هوندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرمين جون موڪلون 10 جولاءِ کان 10 سيپٽمبر تائين هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو