ن ليگ سان معاملا طئي، پ پ  ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي

ن ليگ سان معاملا طئي، پ پ ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت سازي جي معاملي تي مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿي وئي آهي.ذريعن موجب مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ حڪومت سازي جا معاملا آخري مرحلي ۾ پهچي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا عهدا پيپلز پارٽي کي ڏنا ويندا، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين ۽ چئن گورنرن جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.ذريعن موجب پ پ ۽ ن ليگ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهيندي جنهن ۾ ن ليگ پيپلز پارٽي جي هوندي. پ پ پنجاب ۾ به ڪابينا جو حصو هوندي، پ پ کي پنجاب ۾ 2 يا 3 وزارتون ملڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو