نيپرا ڪمال، بجلي هڪ پاسي سستي ته ٻئي پاسي مهانگي ڪري ڇڏي

نيپرا ڪمال، بجلي هڪ پاسي سستي ته ٻئي پاسي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا ڪمال ڪندي هڪ طرف بجلي سستي ته ٻئي طرف مهانگي به ڪري ڇڏي آهي؛ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيو 19 پئسا في يونٽ اضافو، جڏهن ته ٽه-ماهي (سہ ماھي) ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 1 رپيو 98 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيو 19 پئسا في يونٽ اضافو اپريل جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي، قيمتن ۾ هن اضافي جو اطلاق ملڪ جي سمورن بجلي واهپيدارن (صارفين) تي ٿيندو. قيمتن ۾ اضافي واري هن فيصلي کان چارجنگ اسٽيشن، لائف لائن واهپيدار ۽ پري-پيڊ واهپيدار مستثنيٰ هوندا، جڏهن ته اهو اضافو واهپيدارن کان جون جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو. نيپرا قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي، نيپرا سال 2026ع جي پهرين ٽه-ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي سستي ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيو 98 پئسا في يونٽ ڪمي ڪئي وئي آهي. نيپرا ٽن مهينن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ ڪميءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، هن ٽه-ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واهپيدارن کي 67 ارب رپين کان وڌيڪ جو ريليف ملندو. ٽه-ماهي ايڊجسٽمينٽ جو اطلاق جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي بلن تي ٿيندو، پر بجلي جي قيمت ۾ هن ڪميءَ جو اطلاق لائف لائن، انڪريمينٽل ڪنزپشن پيڪيج ۽ پري-پيڊ واهپيدارن تي نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو