ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيويليٽري اٿارٽي ڪي اليڪٽرڪ جي اپريل جي مهيني وار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ 5 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪري ڇڏي نيپرا پڌرائي مطابق ڪي اليڪٽرڪ جي مهيني وار فيول چارجز ايڊجسمنٽ اپريل 2023 جي مد ۾ 5 پئسا في يونٽ لاٿ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي ڪي اليڪٽرڪ 49 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي اٿارٽي 30 مئي 2023 تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي هن کان اڳ مارچ جو ايف سي اي صارفن کان 3 رپيا 93 پئسا في يونٽ واڌ سان چارج ڪيو ويو هو جيڪو رڳو هڪ مهيني لاءِ هو اپريل جو ايف سي اي مارچ جي ڀيٽ ۾ 3 رپيا 98 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو اهو صرف هڪ مهيني لاءِ لاڳو ٿيندو لائف لائن صارف، 300 يونٽن تائين گهريلو صارف ۽ زرعي صارف ۽ اليڪٽرڪ ويڪل چارج ۽ اسٽيشنز تي اهو لاڳو نه ٿيندو.










