نيول چيف جو ساحلي علائقن جو دورو ۽ اسپتال جو افتتاح

نيول چيف جو ساحلي علائقن جو دورو ۽ اسپتال جو افتتاح

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ساحلي علائقن ۾ ايندڙ پوسٽن جو دورو ڪيو ۽ تربت ۾ 25 بسترن تي ٻڌل اسپتال جو افتتاح ڪيو. اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال جو مقصد فوجين سان گڏ مقامي ماڻهن کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.تربت پهچڻ تي نيول چيف جو استقبال ڪمانڊر پاڪستان فليٽ وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي ڪيو.چيف آف نيول اسٽاف کي يونٽن ۽ مقرر فوجين جي آپريشنل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نيول چيف جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آپريشنل تيارين ۽ جنگي تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. هن موجوده مشڪل ماحول ۾ ملڪ جي ناقابل تسخير دفاع کي يقيني بڻائڻ تي فوجين جي بلند حوصلي کي ساراهيو.نيول چيف ملڪ جي سامونڊي سرحدن جي حفاظت لاءِ پاڪستان نيوي جي عزم کي ورجايو ۽ ان سان گڏوگڏ ساحلي برادري جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي اولين قدمن جي طور تي يقيني بڻايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو