مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ملاح محلي جي رهواسي مشتاق ملاح رتو رت ٿيل ستن ورهين جي نياڻي ڪشف ملاح کي ٿاڻي تي وٺي ڪشف سان گهر ۾ 3 جوابدارن جو کنڀي مبينا اجتمائي ڏاڍائي جي رپورٽ داخل ڪرائي جنهن تي پوليس کين ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال ڪوٽڙي روانو ڪيو. پوليس ٻن جوابدارن امير علي ملاح ۽ سليم عمراڻي کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته هڪ ڄڻو هٿ نه اچي سگهيو. ان سلسلي ۾ نينگري جي والد مشتاق احمد ملاح ٻڌايو ته سندس ٻارڙي کين دانهون ڪري گهر اچي ٻڌايو ته جوابدارن کيس کنڀي حوس جو نشانو بڻايو آھي ۽ جوابدار مختلف وقتن تي اڳ به اهڙيون حرڪتون ڪندا رهيا آھن. هوڏانهن گرفتار جوابدار امير ملاح ٻڌايو ته برادري هئڻ سبب نينگري سندن گهر آئي ۽ باٿ روم ۾ وئي جنهن ۾آئون ب اتفاق سان باٿ روم ويس ۽ نينگري کي هٿ مان وٺي ٻاهر ڪڍيو ت رڙيون ڪري مائٽن کي دانهن ڏني جن ڪوڙو الزام هڻي ڦاسايو آھي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خاڻوٺ ٻڌايو ت نينگري جي ميڊيڪل لاء ليٽر ڏئي ڇڏيو آھي رپورٽ اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏهن ت شروعاتي طور الزام هيٺ آيلن مان ٻن جوابدارن کي گرفتارڪيو ويو آھي.










