نينسي پيلوسي پنهنجي مرضي تي تائيوان جو دورو ڪري پئي: وائيٽ هائوس

نينسي پيلوسي پنهنجي مرضي تي تائيوان جو دورو ڪري پئي: وائيٽ هائوس

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي جو چوڻ آهي ته هائوس اسپيڪر نينسي پيلوسي رضاڪارانه طور تي تائيوان جو دورو ڪري رهي آهي، کيس تائيوان جو دورو ڪرڻ جو حق آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ترجمان جان ڪربي جو چوڻ هو ته نينسي پيلوسي جي دوري جي مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي، سندس حفاظت کي يقيني بڻايو ويو آهي، ايوان اسپيڪر جو تائيوان جو دورو آمريڪي موقف سان مطابقت رکي ٿو.جان ڪربي جو چوڻ آهي ته نينسي پيلوسي جو دورو چين جي خودمختياري يا آمريڪا جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ ون چائنا پاليسي جي خلاف ورزي ناهي.هن چيو ته چين کي پيلوسي جي دوري کي تائيوان تي حملي لاءِ عذر طور استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، نه ٿو چاهي ته ان طريقي سان بحران ۽ تڪرار جي صورتحال پيدا ٿئي.وائيٽ هائوس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته آمريڪا مغربي پئسفڪ جي فضائي ۽ سمنڊ ۾ آپريشن جاري رکندو، چين به تائيوان خلاف اقتصادي حڪمت عملي استعمال ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو