نيش اوپن اسڪواش: پاڪستان جو نور زمان فائنل ۾ پهچي ويو

نيش اوپن اسڪواش: پاڪستان جو نور زمان فائنل ۾ پهچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي نوجوان اسڪواش پليئر نور زمان ڪينيڊا ۾ جاري نيش ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي.نيش ڪپ اسڪواش جي سيمي فائنل ۾، نور زمان ڪولمبيا جي مٽياس ڪنڊسن کي شڪست ڏني. نور زمان پنهنجو سيمي فائنل آساني سان 11. 3، 12. 10 ۽ 11. 3 سان کٽيو.نور زمان صرف 28 منٽن ۾ ڪولمبيا جي مٽياس ڪنڊسن خلاف فتح حاصل ڪئي.ٻئي طرف، پاڪستان جي اشاب عرفان کي سيمي فائنل ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. اشاب عرفان کي مصر جي سيڪنڊ سيڊ مصطفيٰ السرتي 3-1 سان شڪست ڏني.نيش ڪپ اسڪواش جو فائنل پاڪستان جي نور زمان ۽ مصر جي مصطفيٰ السرتي جي وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن جي انعامي رقم 31,250 ڊالر هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو