اين سي سي جي پڌرنامي ۾ سازش جو لفظ ناهي: ترجمان

اين سي سي جي پڌرنامي ۾ سازش جو لفظ ناهي: ترجمان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر باجوه وقت تي رٽائر ٿي ويندو راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر باجوه نه مدي ۾ واڌ گهري آهي ۽ نه ئي ان کي قبول ڪندو، هو 29 نومبر 2022ع تي مقرر وقت تي ريٽائر ٿي ويندو هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، ڪا ضمني چونڊ، ڪا بلدياتي اليڪشن کڻو، ڪا مداخلت نه ڪئي وئي، اڳ چيو ويندو هو ته ڪالون اينديون آهن، جيڪڏهن مداخلت جو ڪو ثبوت آهي ته سامهون آڻيو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته امريڪا پاڪستان کان فوجي اڏا نه گهريا هئا، جيڪڏهن گهري ها ته اسان جو جواب به اهو ئي هجي ها جيڪو اڳوڻي وزيراعظم ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته 9 اپريل جي رات فوجي قيادت جي وزيراعظم سان ڪا ملاقات نه ٿي، ان بابت بي بي سي واهيات اسٽوري شايع ڪئي. هن چيو ته فوج ۽ فوجي قيادت خلاف منظم ۽ شرانگيز مهم هلائي پئي وڃي، جيڪا قابل قبول ناهي ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ پرڏيهي خط جي حوالي سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي اها ٻڌائي نٿو سگهان، ان حوالي سان پڌرنامو جاري ٿيو، جنهن ۾ سازش جو لفظ ناهي،ڊي جي آءِ ايس پي آر 9 اپريل جي رات بابت بي بي سي اردو جي رپورٽ جي وضاحت ڪري ڇڏي., راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته 9 اپريل جي رات وزيراعظم هائوس ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان سان ڪا به ملاقات نه ٿي هئي. هن چيو ته ان حوالي سان ڳالهيون ڪوڙ تي ٻڌل آهن، بي بي سي انتهائي واهيات رپورٽ شايع ڪئي، ان کان وڏو ڪوڙ ڪنهن ليڊنگ انٽرنيشنل ايجنسي طرفان نٿو ٿي سگهي، اها مڪمل بي بنياد رپورٽ هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته پارليامينٽ هائوس ۾ صدر جي چيمبر ۾ ٻن سينيئر آفيسرن جي ملاقات بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ طرفان عمران خان کي ڪو به آپشن ناهي ڏنو ويو، ڊيڊ لاڪ دوران وزيراعظم آفيس پاران آرمي چيف سان رابطو ڪري بچ بچاءَ جي ڳالهه ڪئي وئي، اسان جي سياسي پارٽين جي قيادت هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئي، جنهن تي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ اتي ويا، اتي ٽي آپشن غور هيٺ آيا ته ڇا ٿي سگهي ٿو، جن ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ، عدم اعتماد جي رٿ واپس وٺڻ ۽ وزيراعظم طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ جو آپشن شامل هئا. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ٽئين آپشن تي وزيراعظم چيو ته قبول آهي، مخالف ڌر سان اسان جي پاران ڳالهه ڪريو، جنهن تي آرمي چيف، پي دي ايم جي قيادت وٽ ويو ، انهي اپشن تي بحث ٿيو آخر ۾ مخالف ڌر چيو ته اسان اهڙو قدم نه کڻنداسين،،ڊي جي آءِ ايس پي آر آرمي چيف جي وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي وضاحت ڪري ڇڏي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافي ڊي جي آءِ ايس پي آر کان سوال ڪيو ته آرمي چيف وزيراعظم جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڇو نه ڪئي هئي صحافي جي سوال تي ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ان ڏينهن آرمي چيف جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ هو ان ڏينهن آفيس به نه آيو هو. واضح رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم شهباز شريف جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو