اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ ملتوي ڪيو ويو.ذريعن موجب نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو.سڀاڻي اجلاس ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم آءِ، ڊي جي آءِ بي، سمورن صوبن جا وڏا وزير، اهم وفاقي وزير ۽ ٻيا ميمبر شرڪت ڪندا. نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن خاص طور تي عوامي امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي صورتحال، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ رابطا بهتر بڻائڻ ۽ انٽيليجنس معلومات جي موثر شيئرنگ تي به غور ڪيو ويندو.










