ياهو دفاع واري وزير کي ڪوتاهي ڪرڻ تي برطرف ڪري ڇڏيو

ياهو دفاع واري وزير کي ڪوتاهي ڪرڻ تي برطرف ڪري ڇڏيو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو بچاءَ واري وزير يوگيلنٽ کي برطرف ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اسرائيلي پرڏيهي وزير اسرائيل ڪيٽز کي يوويگيلنٽ بدران ملڪ جو نئون دفاع وزير نامزد ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽ موجب نيتن ياهو چيو ته جنگ جي وقت ۾ وزير اعظم ۽ بچاءَ واري وزير جي وچ ۾ مڪمل اعتماد جي ضرورت آهي، دفاع واري وزير تي اعتماد ناهي، ان ڪري هن جون خدمتون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دفاع جو وزير ۽ سندس جاءِ تي ڪيٽز کي وزير دفاع مقرر ڪيو واضح رهي ته اسرائيل جو برطرف ڪيل بچاءُ وارو وزير گيلنٽ ۽ وزيراعظم نيتن ياهو ٻنهي جو تعلق ساڄي ڌر جي پارٽي سان آهي پر غزه ۾ گذريل هڪ سال کان جاري جنگ دوران ٻنهي وچ ۾ انتهائي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي.نئين بچاءَ واري وزير ڪيٽز سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته هو اسرائيلي رياست ۽ ان جي شهرين جي سلامتي لاءِ پنهنجون نيون ذميواريون هڪ مشن ۽ هڪ مقدس فرض جي طور تي سرانجام ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو