نيب ڪراچي جي هڪ ٻئي سينئر پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

نيب ڪراچي جي هڪ ٻئي سينئر پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نيب ڪراچي جي هڪ ٻئي سينيئر پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.نيب پراسيڪيوٽر آر ڊي ڪلهوڙي پنهنجي استعيفيٰ چيئرمين نيب کي موڪلي ڇڏي آهي.آر ڊي ڪلهوڙي پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته هو ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، پراسيڪيوٽر طور ڪم نٿو ڪري سگهان.واضح رهي ته آر ڊي ڪلهوڙو 2010ع کان نيب پراسيڪيوشن ۾ فرائض سرانجام ڏئي رهيو هو.ڪجهه وقت اڳ نيب ڪراچي مان 2 سينيئر پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو