نيب جي درخواست رد شهباز شريف جيل حوالي

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏيڻ جي نيب جي درخواست عدالت رد ڪندي کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي. احتساب عدالت ۾ منٿ لانڊرنگ ڪيس ۾ کيس نيب پيش ڪيو. شهباز شريف چيو ته ڪيترن هفتن کان نيب وارا ساڳيا سوال ڪن ٿا جن جواب ڏئي چڪو آهيان، هي تنگ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ رمانڊ چاهين ٿا. نيب جي وڪيل چيو ته هي جواب نٿو ڏئي وڌيڪ جاچ لاءِ رمانڊ ڏيو. عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. شهباز شريف عدالت ۾ ميديا سان ڳالهائيندي مريم جي ڪمري تي ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو ته عمران خان فاشسٽ حڪمران آهي هو انتقام جي سياست ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته نيب پنهنجي ريفرنس ۾ ڄاڻايو آهي ته 1990 ۾ شهباز شريف پنهنجا نقد اثاثن جي ماليت 21 لک 21 هزار روپيا ڄاڻائي هئي. جيڪي 1998 ۾ هڪ ڪروڙ48 لک 65 هزار روپيا ٿي ويا. هو جڏهن 2008 ۾ وڏو وزير ٿيو ته 10 سالن ۾ 2018 تائين سندس خاندان جي ملڪيت 7 ارب 32 ڪروڙ 80 لک ٿي وئي. ريفرنس موجب ان دوران 13 نيون ڪمپنيون قائم ڪيون ويون ۽ 2 ارب 77 ڪروڙ جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ ان سموري آمدني جو ذريعو ناهي ٻڌايو ته رقم ڪٿان آئي. شهباز شريف وڏي وزير سيڪريٽريٽ جي ملازمن نثار احمد ۽ علي احمد جي نالي تي 3 بي نامي ڪمپنيون قائم ڪيون ۽ انهن ڪمپنين ذريعي 2 ارب 44  ڪروڙ روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي. ريفرنس موجب شهباز شريف ڊونگا گلي، ڊي ايڇ اي لاهور ۽ ٻين جاين تي 62 ڪروڙ روپين جي ملڪيت خريد ڪئي. جنهن لاءِ آمدني جو ذريعو هڪ ارب 59 ڪروڙ ٻاهرين ملڪ مان آيل رقم ۽ هڪ ارب هڪ ڪروڙ قرض ڄاڻايو. جانچ ۾ اهي آمدني جا ذريعا ڪوڙا ثابت ٿيا. شهباز شريف جي خاندان جي ملڪيت مني لانڊرنگ بعد 6 ارب 12 ڪروڙ 20 لک روپيا ٿئي ٿي جيڪا 2018 ۾ 7 ارب 32 ڪروڙ 80 لک ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو