لاهور(ويب ڊيسڪ)نيب ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب سهيل ظفر چٺا خلاف ريفرنس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نيب رائو اعجاز ۽ ڪامران ممتاز خلاف به ريفرنس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.واضح رهي ته نيب گجرات پوليس فنڊن ۾ ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو ريفرنس داخل ڪيو هو.يب چيئرمين ريفرنس واپس وٺڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.نيب موجب سهيل چٺا، راءِ اعجاز ۽ ڪامران ممتاز ريفرنس واپس وٺڻ لاءِ چيئرمين نيب کي درخواست ڏني هئي.چيئرمين نيب جي درخواست ۾ چيو ويو ته جوابدارن جي درخواستن جو بغور جائزو ورتو ويو، ڊي جي اينٽي ڪرپشن سميت ٻين جوابدارن خلاف ڪو به ثبوت ناهي.










