اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب ترميمي آرڊيننس 2024 خلاف درخواست تي اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا.درخواستگذار شهري ملڪ نجي الله طرفان ايڊووڪيٽ محمد اظهر صديق عدالت ۾ پيش ٿيو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هي نئون ترميمي آرڊيننس آيو آهي جيڪو پارليامينٽ ۾ به پيش نه ڪيو ويو، نئين ترميمي آرڊيننس ۾ رمانڊ جو مدو 14 مان وڌائي 40 ڏينهن ڪيو ويو آهي، عدالت ۾ بدانتظامي جو ڪيس هلائيندڙ آفيسر جي سزا مقرر ڪئي وئي آهي. ترميمي آرڊيننس کي 5 مان گهٽائي 2 سال ڪيو ويو، هي آرڊيننس پارليامينٽ ۾ آڻڻ کانسواءِ پاس ڪيو ويو، اهو قانون جي منشا جي خلاف آهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته اهم سوال اهو آهي ته قائم مقام صدر آرڊيننس پاس ڪري سگهي ٿو يا نه؟ عدالت صدارتي آرڊيننس بابت سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ڏسڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 6 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










