نيب اختيارن جوغلط استعمال نه  ڪري،سپريم ڪورٽ جي هدايت

نيب اختيارن جوغلط استعمال نه ڪري،سپريم ڪورٽ جي هدايت

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)سپريم ڪورٽ چيو آهي ته قومي احتساب بيورو نيب ملزمن کي هراسان  پيو ڪري ۽ پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪري  رهي آهي. سپريم ڪورٽ نيب طرفان داخل ڪيل درخواستن تي جوابدارن خلاف هڪ کان وڌيڪ ريفرنس داخل ڪرڻ جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب کي پنهنجا اختيار غير جانبدار طور تي استعمال ڪرڻ گهرجن نيب جو 90 ڏينهن جو ريمانڊ ظالمانه آهي نيب کي ملزم کي تڪليف نه ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي.نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته تعاون نه ڪندا. لنڊن ۾ هڪ اهم سياسي شخصيت خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ 2-3 سالن کان ٿي رهي آهي ، ٽرائل ڪورٽ کي ريفرنسز گڏ ڪرڻ جو اختيار آهي .جسٽس مظهر علي اڪبر پڇاڻو ڪيو ته نيب کي ڪهڙي قانون ۾ ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو اختيار آهي.نيب جي وڪيل جواب ڏنو ته سي آر پي سي جي ضمني چالان قانون تحت ضمني ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن هاءِ ڪورٽس نيب کي هڪ ملزم خلاف وڌيڪ ريفرنس داخل ڪرڻ کان روڪيوآهي. جسٽس مظهر علي اڪبر چيو ته فوجداري ڪيسن ۾ ريمانڊ 40 ڏينهن کان وڌيڪ نه آهي 90 ڏينهن جو ريمانڊ جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ  ڏنو ويندو آهي نيب جاچ مڪمل ڪري هڪ ريفرنس ڇو نه داخل ڪندي آهي ڇا جاچ جي لاءِ نيب آفيسر تربيت يافته نه آهن عدالت عظميٰ سڀني ڌرين کي معاملي تي جواب  جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي  ان کان علاوه ايندڙ ٻڌڻي تي پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي طلب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو