خانپورمهر (رپورٽ:آفتاب سيال) خانپورمهر ۾ مبينا طور شادي شده ناري سويرا ميراڻي جي اغوا خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو، نعريبازي، نياڻي به اسان جي اغوا ڪئي وئي آهي، الٽو جوابدار اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جا ڊراما ٺاهي رهيا آهن، احتجاج ڪندڙ، خبرموجب ،خانپورمهر شهر جي ميراڻي پاڙي جي رھواسين غلام حيدر ميراڻي، غلام مصطفي ميراڻي ،مسمات حنيفان ۽ ٻين ناري جي اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناري جي ٻڌايو ته هفتو اڳ جوابدار صيف ﷲ سيال، امانﷲ سيال ۽ ٻيا نئون ديرو مان اسان جي نياڻي سويرا ميراڻي کي اغوا ڪري ويا، هنن چيو ته جوابدار نياڻي به اسان جي اغوا ڪري ويا آهن الٽو ڪوڙا ڊراما ٺاهي اسان کي ڦاسائي رهيا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته اڄ جوابدارن پنهنجي گهرن کي پاڻ باهيون ڏئي الزام اسان مٿان مڙهي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا، اسان مسڪين آهيون جوابدار ڌر بااثر آهي پوليس بہ اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهي اسان کي خطرو آهي، احتجاج ڪندڙن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي واپس ڪرائي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.










