نيازي جا ناجائز حڪم مڃيندڙ آفيسرن خلاف ڪاروائي ٿيندي

نيازي جا ناجائز حڪم مڃيندڙ آفيسرن خلاف ڪاروائي ٿيندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر نيازي جي وفاداري جو نه پر آئين جي پاسداري جو حلف کنيو آهي، آئين جي خلاف ورزي تي اسپيڪر خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪاروائي ٿي سگهي ٿي. آچر ڏينهن عدم اعتماد جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته آئين ۽ رولز تحت اسپيڪر 14 ڏينهن ۾ اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي. هن چيو ته عدم اعتماد جي تحريڪ تي 28 مارچ تائين ووٽنگ نه ٿيڻ آئين جي سنگين خلاف ورزي ٿيندي. سعيد غني چيو ته اسپيڪر 7 ڏينهن ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ تي ووٽنگ ڪرائڻ جو پابند آهي ۽ ايئن نه ڪرڻ سان آئين جي خلاف ورزي آهي ۽ آئين جي خلاف ورزي ڪرڻ تي اسپيڪر خلاف  آرٽيڪل 6 تحت ڪاروائي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته نيازي سرڪار او آءِ سي ڪانفرنس جي آڙ ۾ آئين جي سنگين خلاف ورزي نه ڪري. عمران نيازي اسيمبلي ۾ اڪثريت وڃائڻ کانپوءِ به وزير اعظم جي عهدي تي چنبڙيو پيو آهي. سعيد غني چيو ته عمران نيازي شڪست کاڌل ذهنيت سبب اسيمبلي جي ميمبرن تي حملا ڪرائي رهيو آهي. سعيد غني انهن سمورن آفيسرن کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪو نيازي حڪومت جا غير قانوني حڪم مڃي رهيا آهن انهن خلاف ڪاروائي ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو