نوڪري ڏئي اسان کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي؛ معذور

نوڪري ڏئي اسان کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي؛ معذور

وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي ) معذورن جو نوڪرين مان ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن صدام راھوجو، آصف پٺاڻ، رحمان ٻگھيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته معذور ڪوٽا مان اسان کي نوڪريون ڏنيون وڃن اسان کي به جيئڻ جو حق ڏيو. ھنن وڌيڪ چيو ته ڊي سي قمبر کي نوڪرين لاءِ گڏجي درخواستون ڏنيون آهن ان باوجود به رلايو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي سماجي تنظيم سڄاڳ نوجوان اتحاد جا اڳواڻ  گلاب وڳڻ، محمد يونس وڳڻ، ممتاز وڳڻ احتجاج ۾ شامل ٿي چيو ته معذورن کي ڪوٽا تحت آفر آرڊر ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ ڊي سي قمبر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو