اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي جي سربراهه نور ولي محسود ۽ احمد حسين عرف غٽ حاجي جو گهيرو تنگ، نور ولي محسود جي تازي فون ڪال آڊيو ليڪ ٿيڻ بعد ان جي فورينزڪ ڪرائي ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي نور ولي محسود ان فون ڪال ذريعي احمد حسين عرف غٽ حاجي کي سرڪاري ملڪيتن ۽ اسڪولن تي حملن جون هدايتون ڏئي رهيو هو، نور ولي جي اهڙين هدايتن بعد اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ گرلس اسڪول کي بارودي مواد سان ڌماڪو ڪري اڏايو ويو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران فون ڪال جي فورينزڪ ٽيسٽ مان ثابت ٿي ويو ته فون ڪال تي آواز نور ولي ۽ غٽ حاجي جو ئي هو، نور ولي ۽ غٽ حاجي خلاف هاڻي باضابطه قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي، افغانستان مان ويهي اهڙيون ڪارروائيون ڪرڻ تي افغان عبوري حڪومت سان احتجاج به ڪيو ويندو










