سنڌڙي(ن سنڌيار) آتڻا موري جي ڳوٺ شير خان شر ۾ جوابدارن در محمد شر ۽ فيضو شر پنهنجي 4 ساٿين سان گڏ گھر ۾ ننڊ ستل 22 سالن جي ياسمين ڌيءَ شير خان شر کي ڪھاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. ڌيءَ کي بچائڻ لاءِ ايندڙ سندس پيءُ شير خان شر کي به جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي سنڌڙي پوليس پھچي مقتولڻ ناري جو لاش ۽ زخمي پيءُ کي ميرپورخاص اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي. مقتولڻ ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته ياسمين کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو ھو، جتي ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪورٽ ۾ درخواست داخل ھئي، جنهن تان جوابدارن گهر ۾ حملو ڪري ياسمين کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.










