خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر واسي اغوا ٿيل نوجوان آزاد گبول بازياب نه ٿيو ، گهر ۾ روڄ راڙو متل ،وارث سخت پريشان، مغوي جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران 20 لک روپيہ ڀُنگ طلب، آڊيو رڪارڊنگ هٿ… خبر موجب،،،، هفتو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل خانپورمهر ويجهو ڳوٺ رحمت خان گبول واسي رڪشا ھلائيندڙ پورهيت نوجوان آزاد علي گبول بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ وارث سخت پريشان آهن، هوڏانهن ڌاڙيلن پاران فون ڪري وارثن کان 20 لک روپيہ ڀُنگ طلب ڪئي وئي آهي جيڪا آڊيو رڪارڊنگ هٿ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڌاڙيلن پاران مغوي نوجوان آزاد گبول کي وارثن سان ڳالھ ٻولهه ڪرائي وئي، وارثن سان ڳالھ ٻولھ دوران مغوي مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ هو روئي رهيو آهي، مغوي جا وارث ڌاڙيلن کي منٿون ڪري رهيا آهن تہ اسين مسڪين آهيون رحم ڪيو وڃي پر ڌاڙيلن پاران 20 لک روپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن واضع رهي تہ خانپورمهر جي ڳوٺ رحمت خان گبول واسي نوجوان آزاد گذريل هڪ هفتي کان اغوا ٿي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهي پر ھن مھل تائين گھوٽڪي پوليس نوجوان جي آزادي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ھوڏانھن مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسين مسڪين آهيون اسان ايتري رقم ڪٿان آڻيون، پوليس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، تنهنڪري وس وارن کي اپيل آهي ته نوجوان جي بازيابي ۾ مدد ڪئي وڃي..










