آفتاب صيفل خاصخيلي
تعليم اڄڪلهه جي دؤر ۾ تمام گھڻي اھميت رکي ٿي. زندگيءَ گذارڻ لاءِ جيئن کائڻ پيئڻ ضروري آھي. ايئن ئي ھن ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ تعليم لازمي آھي. دنيا جيئن جيئن ڪمپيوٽر ۽ ڊجيٽل موبائيل تي شفٽ پئي ٿئي. ائين پڙھيل لکيل ماڻهن لاء آسان ٿي پئي ته، وري ائين ئي اڻ پڙھيل ماڻهن لاء مشڪل ٿئي پئي. اسان ۽ توهان سڀني کي گھرجي تہ پنهنجي اولاد کي مذهبي تعليم سان گڏوگڏ ھن ڏکئي دؤر ۾ زندگي آسان گذارڻ لاء جديد ۽ ڪپيوٽرائيزڊ تعليم لازمي ڏياريون. پنهنجي معاشري، پنهنجي شھرن، پنهنجي ڳوٺن ۽ پاڙن کي بھتر ڪرڻ لاء ھن دؤر تعليم جو ھجڻ ضروري آهي. پنهنجي اوڙن پاڙن جي نوجوانن کي بھتر زندگي گذارڻ لاء بھترين تعليمي بندوبست ڪرڻ گھرجي، ن ت اسڪول ڪاليج ۽ يوينورسٽون ۽ ٻيا تعليمي دارا خالي ۽ بيڪار بڻجي ويندا. تعليم جي بجائي منشيات واريون جڳھون ڀريل ھونديون. سڀ نوجوان منشيات جو شڪار بڻجي ويندا. تعليم جي گھٽتائي ھجڻ ڪري، روزگار نہ ھجڻ جي ڪري، ڪاروبار نہ ھجڻ جي ڪري، ٽئڪنيڪل تعليم نہ ھجڻ ڪري، نان اسڪل ماڻهوءَ جي زندگي گذارڻ ڏکي ٿي پوندي. نوجوان ڏينھون ڏينهن نشي ڏي وڌندا وڃن ٿا، جنھن جي ڪري غربت ڏينھون ڏينهن وڌندي وڃي پئي. ماحوليات گدلاڻ جي ڪري بيماريون وڌنديون وڃن خاص ڪري ٽي بي جھڙا موذي مرض ب ٻهراڙين ۾ تمام گهڻا وڌندا وڃن ٿا.
انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاء اسان جي نواجونن کي گھرجي ت ڏينهن رات محنت ڪري ھنن سڀني غلط ڪمن کي روڪيو وڃي، نوجوانن کي روڪڻ لاء تعليم کي وڌکان وڌ ڦھلايو وڃي. مذهبي تعليم، اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم تي خاص توجھ ڏني وڃي. اتي نوجوانن کي تعليم سان گڏ غلط ڪمن کان بچڻ جي آگاھي ڏني وڃي، جئين ھو پاڻ ب انهن غلط ڪمن کان بچن ۽ ھو پنهنجي گھرن، پاڙن ۽ ڳوٺن ۾ اُنهيءَ تي عمل ڪرائي انهن سڀني غلط ڪمن کي روڪرائي سگهجي ٿو. ماحولياتي تعليم ڏئي ان تي عمل ڪرائي الاهي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نوجوانن لاءِ سٺي ڄاڻ مھيا ڪري، سٺا مشورا رکيا وڃن. منشيات کي روڪڻ جا ليڪچر رکيا وڃن ۽ منشيات جي تباھ ڪارين کان ماڻهن کي آگاھي ڏني وڃي. پنهنجي آس پاس جي ماحول کي بھتر ڪيو وڃي. موبائل جي منفي اثرن کان ماڻهن کي بچايو وڃي. بھتر ۽ بھترين مواد موبائلن جي ذريعي ماڻهن کي ڏئي بھترين تعليم ڏني وڃي. اسان پنهنجي ماحول کي ڳوٺن شھرن کي بھتر ڪري سگھون ٿا. ماڻهن ۾ اسڪل يعني ھنر واري تعليم عام ڪئي وڃي، ماڻھن کي نوان نوان اسڪل سکاريا وڃن ت جيئن ماڻهو ھنرمند ٿيندا تہ، انھن جي آمدني ب وڌندي ۽ آمدني وڌڻ سان اسان جا ٻار ب بھتر تعليم پرائي سگھندا. منشيات جي روڪ ۽ تعليم کي عام ڪري پنهنجي ماحول کي بھتر ڪري سگھون ٿا. تعليم سان خوشالي ايندي، ۽ اسان جا ڳوٺ ۽ شھر بھتري طرف وڌندا. ٽيڪنيڪل تعليم ۽ ننڍا ننڍا ڪاوربار کوليندا تہ، ان سان پيسي ۽ روزگار ماحول بھتر ٿيندو. اُنهيءَ سان اسان سڀني براين کي روڪي سگهون ٿا.










