ٽنڊو محمد خان (رپورٽ مظفر علي بروهي)تعليم سان گڏ رانديون پڻ ٻارن جي ذھني واڌ ويج لاء ضروري آھن اھڙو اظھار وزيراعلي سنڌ جي خاص معاون براء انويسٽمينٽ ڊيپارٽمينٽ ۽ پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽس سيد قاسم نويد ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ ٽنڊو محمد خان فٽبال اڪيڊمي جي انعام ورھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو ؛ سينئير نائب صدر پير عاقب جان سرھندي ؛ مير علي رضا ٽالپر ۽ ٻيا موجود ھئا تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعلي جي خاص معاون سيد قاسم نويد چيو ته رانديون انساني صحت لاء تمام ضروري آھن خاص ڪري فٽبال ۾ جسم سان گڏوگڏ دماغ جو استعمال پڻ ٿئي ٿو اسانجي پھرين ترجيح آھي ته تعليم سان گڏوگڏ ٻارن ۾ راندين لاء شوق پيدا ڪريون ۽ راندين لاء گرائونڊ ۽ راندين ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ٻارن کي مھيا ڪريون.










