نواز شريف پاران سڀني پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

نواز شريف پاران سڀني پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف مرڪز ۽ پنجاب ۾ اڪيلي وڏي اڪثريتي جماعت هجڻ جي دعويٰ ڪندي سڀني پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ اليڪشن آفيس ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان زخمي آهي، اسان سڀني جي ذميواري آهي ته مهانگائي گهٽ ڪريون. هن چيو ته اسان سڀني پارٽين ۽ آزاد ميمبرن جي مينديٽ جو احترام ڪريون ٿا ۽ مان سڀني کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو. هن چيو ته اسانکي پاڙيسري ملڪن سان تعلقات بهتر ڪرڻا آهن. هن چيو ته مان شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار کي اها ذميواري ڏيان ٿو ته هو آصف علي زرداري ، مولانا فضل الرحمان خالد مقبول صديقي ۽ ٻين سان رابطو ڪن ۽ گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڄ ئي ملاقاتون ڪري رپورٽ ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو