ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ چونڊن ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ کي سبق سيکارڻ لاءِ پي ڊي ايم قيادت ۾ رابطا تيز ٿي ويا آهن. اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو ۽ مختلف آپشنز تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ استعيفائن جي آپشن تي راضي ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم طرفان استعيفائن ۽ بي اعتمادي رٿ جي آپشنز تي سينيٽ چونڊن بعد وڌيڪ مشورا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ميان نواز شريف مولانا فضل الرحمان سان به رابطو ڪيو هو.










