لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف جي لنڊن دوري جي پروگرام ۾ تبديلي جو امڪان آهي.پارٽي ذريعن موجب نواز شريف اڄ دبئي روانو ٿيندو پر سندس لنڊن پهچڻ بابت ڪو به حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جو لنڊن جو پروگرام تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي، هو شيڊول موجب جمعي تي دبئي روانو ٿيندو.شيڊول موجب نواز شريف کي هڪ ڏينهن دبئي ۾ ترسڻو هو ۽ ڇنڇر تي لنڊن پهچڻو هو پر هاڻ هو اڱاري تي لنڊن پهچي سگهي ٿو.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي لنڊن پهچڻ تي (ن) ليگ برطانيه سندس پرجوش استقبال جو اعلان ڪيو آهي.










