نواز شريف جي جائيداد ضبط ڪرڻ جو حڪم

نواز شريف جي جائيداد ضبط ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي نيب جي درخواست تي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي جائيداد ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. تو شه خانه ريفرنس ۾ عدالت پاران ملڪيت جا تفصيل طلب ڪرڻ تي نيب وارن نواز شريف جي ملڪيت جي تفصيل جي لسٽ پيش ڪئي. سندس جائيداد ۾ گهر، گاڏيون، زرعي زمين، بئنڪ اڪائونٽ به شامل آهن. مري ۾ هڪ گهر، لاهور ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جا اڪائونٽ، لاهور ۾ 1650 ڪنال ۽ شيخوپوره ۾ 102 ڪنال زرعي ايراضي نالي آهي.عدالت وڌيڪ ڪاروائي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ميان نواز شريف جي هدايت تي مسلم ليگ (ن) جي 5 ايم پي ايز جن پنجاب جي وڏي وزير عثمان خان بوزادارسان ملاقات ڪئي هئي انهن کي پارٽي مان خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پارٽي جي فيصلن جي خلاف ورزي ڪندڙ ڪجهه ايم اين ايز ۽ سينيٽرز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو