نواز، بلاول ۽ ايم ڪيو ايم وارا پاڻ ۾ نورا ڪشتي آهي: شيخ

نواز، بلاول ۽ ايم ڪيو ايم وارا پاڻ ۾ نورا ڪشتي آهي: شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته نواز شريف، بلاول ڀٽو ۽ ايم ڪيو ايم نورا پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. ڪراچي جي اينٽي انڪروچمينٽ ڪورٽ ۾ سوسائٽي جي زمين تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته هو هر هڪ جي مخالفت ڪري عوام جي اکين ۾ مٽي وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته هي سڀ هڪ ئي پليٽ جا ٽڪرا آهن، پي ٽي ايم 2 ٺاهڻ جو خواب پورو نه ٿيندو، اليڪشن واري ڏينهن پاڪستان ۽ ڪپتان کي گهرن مان نڪرڻو پوندو. حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته بلاول ڪالهه چئي رهيو هو ته عوام جو سمنڊ آهي، هڪ ڏينهن اڳ هي شهر گندگي جو سمنڊ هو، پيپلز پارٽي 15 سالن کان حڪومت ۾ آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ايم ڪيو ايم 35 سالن کان حڪومت جو حصو آهي، آئون انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي ڏکن ۾ به پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺا آهن. جن کي وڃڻو هو سو هليو ويو، ماڻهو ڪپتان جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائيندا آهن، هڪ ڏينهن پاڪستان لاءِ، هڪ ڏينهن ڪپتان جي خاطر، سڀني کي ڇڏڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو