نميبيا کي 102 رنز تان شڪست، پاڪستان سپر 8 ۾ پهچي ويو

نميبيا کي 102 رنز تان شڪست، پاڪستان سپر 8 ۾ پهچي ويو

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)نميبيا جي پوري ٽيم 17.3 اوورز ۾ 97 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان نميبيا کي 102 رنز تان شڪست ڏئي سپر ايٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويو. عثمان طارق ڪيريئر بيسٽ 4 وڪيٽون ورتيون ۽ شاداب خان 3 وڪيٽون ورتيون. هڪ هڪ وڪيٽ محمد نواز ۽ سلمان مرزا ورتي. صاحبزاده فرحان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 220 رنسون ٺاهي ٽاپ بيٽر بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ نميبيا جي بيٽنگ شروع ٿي ته، فهيم اشرف پهريون اوور ڪرايو، کيس هڪ ڇڪو لڳو ۽ 2 ڪيچ ڊراپ ٿيا، هڪ سلمان مرزا ۽ ٻيو محمد نواز ڪيچ ڊراپ ڪيو. نميبيا جي پهرين وڪيٽ 32 ڪري جڏهن جان فراءِ لنڪ 9 رنسون ٺاهي سلمان مرزا جي بال تي بولڊ ٿيو. جنهن بعد نڪول لافٽي ايشن 5 رنس ٺاهي سلمان آغا جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو، لورين اسٽينڪيمپ 23 رنسون ٺاهي نواز جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، گرهارڊ اراسمس 7 رنسون ٺاهي شاداب جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، اليگزينڊر بسنگ وولسچينڪ 20 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، جي جي سمٽ عثمان طارق جي بال تي شاداب هٿان 9 رنسون ٺاهي ڪيچ ٿيو. روبن کي زيرو تي عثمان طارق بولڊ ڪيو. 14 اوورن ۾ 81 تي نميبيا جون 7 وڪيٽون ڪري چڪيون هيون ۽ ميچ تي پاڪستان جي گرفت مّبوط ٿي چڪي هئي. پاڪستان 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهيون. صاحبزاده فرحان 100 ناٽ آئوٽ ۽ شاداب خان 22 بالن تي 36 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. هن 3 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هنيو. پاڪستان نميبيا کي ميچ کٽڻ لاءِ 200 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. ايس ايس سي ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ پاڪستان ۽ نميبيا ۾ اهم ميچ کيڏيو پيو وڃي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ميچ دوران برسات ٿي سگهي ٿي. پاور پلي جي آخري اوور جي پهرين بال تي صائم ايوب 14 رنز ٺاهي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو.، ان وقت ٽيم جو اسڪور 40 هو. سلمان آغا ٻن ڇڪن ۽ 3 چوڪن سان 23 بالن تي 38 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو، جنهن بعد خواجا نافع کي بالر پنهنجي بال تي ڪيچ ڪيو. ان بعد شاداب خان آيو جنهن صاحبزاده فرحان سان گڏ اسڪور اڳتي وڌايو. آخري اوور ۾ صاحبزاده فرحان 4 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 58 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي. جيڪڏهن پاڪستان ميچ کٽي يا برسات سبب ميچ نه ٿي هڪ پوائنٽ به پاڪسٿتن کي مليو ته سپر ايٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو. پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. شاهين آفريدي ۽ ابرار احمد کي ريسٽ ڏنو ويو آهي ۽ سندن جاءِ تي سلمان مرزا ۽ خواجا نافع کي کيڏايو پيووڃي. ان کان اڳ نئين دلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پنهنجي گروپ جي آخري ميچ ۾ گڏيل عرب امارات کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي گروپ ۾ ٽاپ تي اچي وئي آهي. ٽاس کٽي فاتح ٽيم اڳ م فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. يو اي اي جي ٽيم 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنسون ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا 4 وڪيٽن جي نقصان تي 40 بال باقي هئا ته ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو