نقلي ڀاڻ وڪرو ڪندڙن جا لائيسنس رد ڪيا ويندا؛ ڪمشنر

نقلي ڀاڻ وڪرو ڪندڙن جا لائيسنس رد ڪيا ويندا؛ ڪمشنر

سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر ) اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواهه اعجاز علي هاليپوٽو آبادگار علي بخش راڄپر ۽ ٻين آبادگارن پاران سيٺارجا شهر اندر واپارين ۽ ڊيلرن پاران جعلي زرعي دوائون ، ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪرڻ جي شڪايتن تي ڊي ڊي ايگريڪلچر ميرواهه محمد حنيف رند سان گڏ شهر اندر زرعي دوائون ، ڀاڻ ۽ ٻج وڪرو ڪندڙ ڊيلرن ۽ واپارين تي اوچتا ڇاپا هنيا پر اڳواٽ اطلاع هجڻ ڪري ڪنهن به ڊيلر جي دوڪان تي مالڪ موجود نه هيو  ۽ سندن نوڪر موجود هجڻ ڪري سندن گودامن جي چڪاس نه ٿي سگهي جنهن لاءِ آبادگارن جو چوڻ آهي ته ايگريڪلچرکاتي وارا جيڪي ڊيلرن کان منٿليون وٺندا آهن انهن پاران ڊيلرن کي اڳواٽ ڇاپن جو اطلاع ڏنو ويو. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر آبادگار علي بخش راڄپر جي ڊيلر خادم حسين راڄپر خلاف جعلي ڀاڻ ڏيڻ واري شڪايت تي ڌرين کي سڀاڻي(اڄ) پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته ڊيلر جو دوڪان انڪوائري ٿيڻ تائين بند ڪرائي ڇڏيو. ٻئي طرف اي سي ميرواهه  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميرواهه تعلقي اندر جعلي دوائون ، ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ٿيڻ جون شڪايتون مليون آهن جن تي اوچتا ڇاپا هڻي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ۽ اهڙن ڊيلرن جا نه صرف لائنسنس رد ٿيندا پر کين جيل جي هوا پڻ کائڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو