نصيرآباد: (ن س) هوٽل تي ويهڻ کان منع ڪرڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 4 ڄڻا زخمي، 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي نصيرآباد: گذريل رات مسڻ محلا جي هوٽل تي ويهڻ کان منع ڪرڻ تان مسڻ ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جيڪو فائرنگ ۾ تبديل ٿي ويو فائرنگ جي نتيجي ۾ مسڻ برادري جا پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ خادم حسين مسڻ، شاهد علي مسڻ، عدل مسڻ، علي رضا مسڻ ۽ مزمل مسڻ شامل آهن اطلاع ملڻ تي زخمين کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر نصيرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي کين شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي وئي ڊاڪٽرن موجب زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان مزمل پٽ بخشل مسڻ فوت ٿي ويو هوڏانهن اڄ صبح نوجوان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ سندس وارثن مقتول نوجوان جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڊگري ڪاليج وٽ انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مقتول جي وارثن مصطفيٰ مسڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته رات اسان جا ماڻهو پنهنجي مسڻ محلي جي هوٽل تي ويٺا هئا ته سولنگي برادري جي شرپسندن کين ويھڻ کان منع ڪري مٿن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن هڪ نوجوان فوت ٻيا ڳڻتي واري حالت م آهن هنن چيو ته اسان جي مقتول نوجوان جو نه پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي نه ئي پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده آهي ان خلاف هي ڌرڻو هنيو آهي ڌرڻي بعد فياص رائو ايس ايڇ او نصيرآباد ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن کي مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو ٻئي طرف اهڙي واقعي کانپوءِ رات ئي شهر ۾ پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي هئي جيئن صورتحال تي ضابطو آندو وڃي هوڏانهن پوليس مطابق ٻن کان ٽي جوابدار گرفتار ڪيا آهن جڏهن ته اڃان ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.










