نسلا ٽاور وارن کي هڪ ڏينهن جي وڌيڪ مهلت ملي وئي

نسلا ٽاور وارن کي هڪ ڏينهن جي وڌيڪ مهلت ملي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شاهراهه فيصل تي واقع نسلا ٽاور جي رهواسين کي عمارت مڪمل طور خالي ڪرڻ لاءِ سڀاڻي تائين مهلت ڏني وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسلا ٽاور ۾ هن وقت تائين 80 سيڪڙو فليٽ خالي ڪرايا ويا آهن پر ڪجهه فليٽ ۾ رهائشي ۽ ڪجهه ۾ رهائشي ملڪيتون آهن. هاڻ خبرون آهن ته نسلا ٽاور جي رهواسين کي عمارت کي مڪمل طور خالي ڪرڻ لاءِ سڀاڻي تائين مهلت ڏني وئي آهي. ٻئي طرف ڪمشنر ڪراچي نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو ٺيڪو ڏيڻ لاءِ 8 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي ٽاور ڪيرائڻ واري ٻولي جو جائزو وٺندي ۽ مسمار ڪرڻ جي طريقيڪار جي وضاحت ڪندي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور کي جديد ڊوائيسز جي مدد سان ڊاهڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو