نذير چوهاڻ جي ضمانت منظور

نذير چوهاڻ جي ضمانت منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ نذير چوهاڻ کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ بعد اڄ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي سندس ضمانت منظور ڪئي وئي. پوليس ذريعن موجب ايم پي اي شبير گجر ۽ نذير چوهاڻ ماڊل ٽائون ڪچي ۾ پيشي دوران هڪ ٻئي کي گلا هنيا.پنجاب اسيمبلي جي ميمبر جو چوڻ آهي ته نذير چوهاڻ کي الله تعاليٰ معافي ڏني آهي. وڙهڻ ۽ دشمني بدران عوام جي ڀلائي لاءِ سياست ڪرڻ گهرجي.مئجسٽريٽ عدالت نذير چوهاڻ جي ضمانت منظور ڪندي کيس 50 هزار جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.پوليس ذريعن موجب ن ليگ اڳواڻ کي جوهر ٽائون ٿاڻي ۾ قتل جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو