نجي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ ٽائيگر ووڊز گرفتار

نجي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ ٽائيگر ووڊز گرفتار

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي گولفر ٽائيگر ووڊس کي فلوريڊا ۾ ڪار حادثي ۾ ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، 50 سالن جي ٽائيگر ووڊس تي ڪار حادثي کان پوءِ گهربل ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ناڪامي جو به الزام آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ٽائيگر ووڊس جي ڪار تيز رفتاري سان هڪ ٽرڪ کي اوورٽيڪ ڪري رهي هئي.اختيارين موجب، ڪار الٽڻ کان پوءِ گولفر دريءَ مان ٽپو ڏنو.اهو معلوم ناهي ته هن ان وقت سيٽ بيلٽ پائي هئي يا نه.پرڏيهي ميڊيا موجب، جيڪڏهن ٽائيگر ووڊس ڪنهن به غلط ڪم جو مرتڪب ثابت ٿئي ٿو، ته کيس ڏنڊ يا قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو