نجي بجلي گهرن 403 ارب روپين جي ادائگي جو فيصلو

نجي بجلي گهرن 403 ارب روپين جي ادائگي جو فيصلو

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪابينا جي ٻن ڪميٽين 46 نجي بجلي گهرن کي ٻن قسطن ۾ 403 ارب روپين جي بقايا ادا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انڊپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز يعني آءِ پي پيز مان صرف هڪ ترڪي جي ڪمپني سان معاملا طئي نه ٿيا هئا جن جي ادائگي روڪي وئي آهي. عمران خان جي حڪومت نجي بجلي گهرن سان نئين سر معاهدن بابت ڳالهيون ڪيون هيون جنهن بعد ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي معاملا نئين سر طئي ڪيا هئا. ترڪ ڪمپني جا ڏيڍ ارب روپيا 30 نومبر تائين پاڪستان ڏانهن بقايا هئا. اميد آهي ته 12 فيبروري تائين هو به ان ۾ شامل ٿي ويندي. 403 ارب مان وڏو حصو يعني 100 ارب ڪوٽ ادو پاور پلانٽ، حبڪو کي 75 ارب، منشا گروپ کي 60 ارب ۽ باقي 10 کان 15 ارب ننڍين ڪمپنين کي ملندا. سرڪار جو چوڻ آهي ته نئين سر ڪيل معاهدن بعد جيسين انهن نجي بجلي گهرن جي لائيف آهي تيسين پاڪستان کي 836 ارب روپين جي بچت ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو