نثار کهڙو آئوٽ،جميل سومرو پي ايس 11 لاءِ اميدوار نامزد

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي اسمبلي جي تڪ پي ايس 11 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ جميل سومرو کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڳڙهي خدا بخش ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، متحده ۽ جي ڊي اي جو اتحاد عوام جا حق کسڻ لاءِ ٺهيو هو ۽ اسين ان ڪٺ پتلي اتحاد سان مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته گذريل هڪ سال کان هي اتحاد سنڌ حڪومتڪيرائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي پر ناڪام ٿيو آهي ۽ آئنده به ناڪام ٿيندو. هن چيو ته آصف علي زرادري کي ڪنهن به عدالت مان سزا ملڻ کانسواءِ جيل ۾ وجهي هي سمجهن ٿا ته اسنکي جهڪائي ويندا، اها سندن ڀل آهي. هن چيو ته جيترو وڻي طلم ڪريو، جنهن کي چاهيو جيل ۾ وجهو، اسين اوهان جو مقابلو ڪنداسين ۽ جهڪڻ وارا ناهيون. هن چيو ته عمران خان کي ڊسمبر تائين گهر ڀيڙو ڪيو وڃي نه ته اسان به اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين. هن چيو ته اڳ ۾ اسان ڌرڻڻ کان پري رهياسين پر جيڪڏهن لاڙڪاڻي کان لاهور تائين عوام جو آواز نه ٻڌو ويو ته اسين به ڌرڻو هڻنداسين. ياد رهي ته بظاهر ته هي ورڪرز ڪنوينشن هو پر اصل ۾ پي ايس 11 جي چونڊ مهم جو جلسو هو. هي حلقو سينئر پارٽي اڳواڻ نثار کهڙو جو آهي پر کيس ٽڪيٽ ڏيڻ بدران جميل سومرو کي ٽڪيٽ ڏئي بلاول پارٽي ۾ ڀونچال مچائي ڇڏيو آهي.

مقامي پي پي قيادت جو چوڻ آهي ته بلاول پنهنجي نئين ٽيم اڳتي آڻڻ چاهي ٿو. هن سيٽ تي مقابلو سخت آهي ۽ هن مهل به ڪاميابي جو ڪارڊ جميعت وٽ هي. ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ٿي چڪو آهي، جي ڊي اي پاران معظم عباسي فارم جمع ڪرايو آهي، 17 آڪٽوبر تي پولنگ ٿيندي. اڳ ۾ به معظم عباسي ڪامياب ٿيوهو جنهن ندا کهڙو کي هارايو هو ۽ هن اثاثن ظاهر ڪرڻ ۾ غلط بياني جي بنياد تي سندس خلاف ڪيس ڪيو هو، جنهن تي عدالت ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو