نثار مورائي تي جيل ۾ تشدد بابت ڪيس جي ڪاروائي ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر نثار مورائي تي جيل ۾ تشدد خلاف ڪيمشن جوڙڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي سرڪاري وڪيل پاران مهلت طلب ڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سومر تي عدالت جيئن ئي ٻڌڻي شروع ڪئي ته سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪميشن قائم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت گهرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي تنهن ڪري گهرو کاتي کان جواب اچڻ تائين مهلت ڏني وڃي. ٻڌڻي جي موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل  چيو ته ڊاڪٽر نثار مورائي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي کيس ميڊيڪل جون سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر نثار مورائي جي ڪيس ۾ ٻن شريڪ ملزمن کي لانڍي جيل منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي کي جيل انتظاميه بند وارڊ ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر نثار مورائي تي تشدد ۽ لانڍي جيل مان سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ خلاف آئيني درخواست پڻ داخل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو