ناچڻين سان نشي ۾ حرڪت، نبن خان لنڊ جا پٽ گرفتار

ناچڻين سان نشي ۾ حرڪت، نبن خان لنڊ جا پٽ گرفتار

دادو(ادل مهيسر) ڳوٺ رئيس نبن خان لنڊ ۾ عقيقي جي دعوت ۾ شراب ڪباب ۽ ناچڻين جي ناچ ۾ وڏيرا مدھوش ٿي ويا نرتڪين سان ڇيڙ ڇاڙ چٽ چم  ۽ ساڻن زبردستي جي ڪوشش، اعتراض تي فائرنگ ڪري کين ڌمڪائڻ بعد ناريون فرار ٿي ٿاڻي تي دانهن کڻي آيون. اڳوڻي ايم پي اي ۽ ضلع ناظم دادو رئيس نبن خان لنڊ جي 2 پٽن ظفرعلي ۽اميد علي لنڊ مٿان فريادي بابراعواڻ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ٿاڻي تي پھتل نارين نوابشاهه واسين، نشو ڌي خان محمد، عاصمه ڌي محمد امين، آصفه ڌيءَ مقصود ذات جا شيخ پوليس کي ٻڌايو ته اسان کي ٻار جي ڇٺي جي خوشي جي دعوت ھئي رات جو نشي ۾ حرڪتون ڪيائون. اسانجي اعتراض تي مڇرجي پيا گارگند ڪري مارڪٽ ڪئي ھٿيارن جي زور تي ڌمڪائي زبردستي جي ڪوشش ڪيائون خوف وچان جانيون بچائي ٿاڻي پھتا آھيون. ايس ايڇ او شفيع محمد گولو بروقت ڳوٺ مان جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو