ناياب نسل جي پکين ۽ جانورن واري سفاري پارڪ کي باهه

ناياب نسل جي پکين ۽ جانورن واري سفاري پارڪ کي باهه

سرحد(ن سنڌيار)صوفي انور شاه سفاري پارڪ کي باهه وڪوڙي وئي، سوين جانورن ۽ پکين جي حياتي خطري ۾ جهانپور ويجهو سوين ايڪڙن تي قائم ٿيل سفاري پارڪ ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، انتظاميه ۾ ٿرٿلو، فائربرگيڊ گاڏيون طلب باهه جي خبر ملندي ئي ضلعي انتظاميه پاران سموريون گاڏيون سفاري پارڪ اماڻيون ويون، باهه تي ڪنٽرول جون ڪوشسون جاري ياد رهي ته سفاري پارڪ ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو بندوبست ناهي، 3 کان 4 ملازم مقرر ٿيل پارڪ ۾ ناياب قسم جا هرڻ، مور پکي، تتر، گهوڙا، روجهه، واڳون ۽ ٻيا مختلف قسم جا جانور موجود آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو