نامور شاعر ۽ ليکڪ چندر ڪيسواڻي سان ادبي رهاڻ رچائي وئي

ڪشمور( جي ايم کوسو) نامور شاعر ۽ ليکڪ ڪشمور ڄائي چندر ڪيسواڻي سان سماجي تنظيم پاران ادبي رهاڻ رچائي ويئي. رهاڻ جو خاص مهمان ٽائون ڪاميٽي چيئرمين اسرار احمد کوسو هيو جڏهن ته هندو پنچايت، وڪيل برادري، شهر جي سياسي سماجي جي اڳواڻن ۽ ادب سان تعلق رکندڙ  شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. رهاڻ ۾ سنڌ مختلف شهرن کان نامور ڪهاڻيڪار عزيز قاسماڻي، گوهر سنڌي، ناليواري چترڪار استاد راهي، ناميارو شاعر غمدل غني، حاڪم گل، حسن پنهيار، راحت نياز ڀٽو، استاد الهرکيو ڪلوڙ پڻ شرڪت ڪري چندر ڪيسواڻي جي شخصيت، فن، سرگرمين ۽  ادبي ڪاوشن تي روشني وڌي. ان موقعي تي چندر ڪيسواڻي خطاب ڪندي چيو ته آئون اهو شخص آهيان جنهن ڪشمور جي جر جو پاڻي پي ڪشمور جي مٽي جي مهڪ واري هوا پنهنجي ساھ ۾ کڻي جوان ٿيس. آئون ڪشمور جي تر ۽ ذري جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي مان ڏنو,ڪشمور جي هن گهٽين ۽ رستن تي رُلاڪي ڪندي جوان ٿيس ڪشمور جي هٿن ۾ آئون پاڻ کي گهڻو ٿانيڪو ۽ هنج ۾ محسوس ڪيان ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو