خانپورمهر (رپورٽ:آفتاب سيال) خانپورمهر ويجهو ٿر واري علائقي ۾ نامعلوم شخص جو لاش لاوارث حالت ۾ هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي، خبرموجب، خانپورمهر ويجهو ٿر جي سائينيواري واري علائقي ۾ نامعلوم شخص جو لاش مليو آهي، جڏهن نامعلوم شخص جو لاش ڏسي علائقي واسي خانپورمهر پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد خانپورمهر پوليس لاش کڻڻ لاءِ واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي خانپورمهر پوليس ٻڌايو ته لاش پراڻو آهي، لاش ڪنهن درويش ماڻهو جو ٿي سگهي ٿو، لاش تمام ڳريل آهي کڻڻ م ناهي انڪري اتي ئي دفنائي رهيا آهيون، سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.










